

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ تان پابندي ختم ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي موجب پابندي هٽائڻ جو فيصلو زمبابوي جي راندين واري وزير ۽ ڪرڪيٽ بورڊ اختيارين سان ملاقات کانپوءِ دبئي ۾ ٿيندڙ بورڊ ميٽنگ ۾ ڪيو ويو.
ڪرڪيٽ جي عالمي گورننگ باڊي جي سربراهه ششانڪ منوهر جو ان حوالي سان چوڻ هو ته اسان زمبابوي جي راندين واري وزير جا ٿورائتا آهيون، جنهن پنهنجي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي ۽ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته زمبابوي جي اختيارين آءِ سي سي طرفان سموريون شرطون قبول ڪري ورتيون آهن ۽ زمبابوي ڪرڪيٽ کي فنڊن جي مشروط بحالي جو سلسلو به جلد شروع ٿي ويندو.
پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال جنوري ۾ ٿيندڙ انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي اهل هوندي.
واضح رهي ته آءِ سي سي هلندڙ سال جولاءِ ۾ حڪومتي مداخلت ۽ بورڊ جون آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪامي تي زمبابوي ڪرڪيٽ کي معطل ڪري ڇڏيو هو.
Following the conclusion of the ICC Board meetings today, Zimbabwe and Nepal have been readmitted as ICC Members. pic.twitter.com/t9KIlEhQE7
— ICC (@ICC) October 14, 2019
The post آءِ سي سي زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ تان پابندي ختم ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment