پرويز خٽڪ جي جلد فضل الرحمان کي پرچائڻ جي دعويٰ…! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, October 17, 2019

پرويز خٽڪ جي جلد فضل الرحمان کي پرچائڻ جي دعويٰ…!


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اپوزيشن سان رابطو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جلد هاڪاري نتيجا سامهون ايندا.

حڪومت طرفان مولانا فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته احتجاج جو حصو بڻجندڙ سڀني جماعتن سان رابطا ڪيا ويندا، هي جمهوري ملڪ آهي، مولانا فضل الرحمان سان ڳالهه ٻولهه ڪري ئي حل ڪڍنداسين.

هن چيو ته جيڪڏهن جي يو آءِ (ف) سربراهه جا مطالبا جائز آهن ته حڪومت ضرور ٻڌندي پر ڪنهن کي ملڪ ۾ ڏڦيڙ جي اجازت نه ڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته ڪور ڪميٽي سڀني اپوزيشن جماعتن سان ڳالهائڻ جي ذميواري ڏني آهي، ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو مقصد احتجاج ڪندڙن جي ايجنڊا معلوم ڪرڻ آهي، ڪميٽي ميمبرن جو فيصلو جلد ڪيو ويندو.

The post پرويز خٽڪ جي جلد فضل الرحمان کي پرچائڻ جي دعويٰ…! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages