

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ناليواري فنڪارا عائشا عمر چيو آهي ته هڪ حادثي منهنجي زندگي تبديل ڪري ڇڏي.
عائشا عمر خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته منهنجون ڪجهه مجبوريون آهن جن جي ڪري آئون گهڻين فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم نٿي ڪري سگھان.
هن چيو ته اڃا به ايڪسيڊنٽ جا ڪجهه زخم باقي آهن، مون کي ايڪسيڊنٽ کان اڳ خبر نه هئي ته بيچيني ڇا هوندي آهي، آئون ماڻهن کان ٻڌندي هيس ته عجيب لڳندو هو جڏهن پاڻ تي آئي ته بيچيني جو مطلب سمجهه ۾ آيو.
هي به پڙهي سگھو ٿا: فلم درج تي پابندي صنم سعيد کي ڏکارو ڪري ڇڏيو
هڪ سوال جي جواب ۾ فنڪارا پنهنجي ڪجهه فيصلن ۾ غلطي جو به اعتراف ڪيو ۽ چيو ته آئون ٻه ٽئي فلمون ڇڏي ڏنيون هيون، جنهن جو مون کي افسوس آهي. عائشا موجب هن جي هڪ فلم “رهبرا” بدقسمتي سان مڪمل نه ٿي سگھي هئي، پر هاڻ ان فلم جي شوٽنگ شروع ٿي رهي آهي.
فلم “رهبرا” بابت هن وڌيڪ چيو ته ان ۾ منهنجو ڪردار گھڻو دلچسپ آهي.
هي به پڙهي سگھو ٿا: اقرا ۽ ياسر موڪلن تي، مداحن جو ردعمل
عائشا عمر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آئون اداڪاري، گلوڪاري، ماڊلنگ ۽ ڪمپيئرنگ سڀ ڪم ڪندي آهيان. “جڏهن گھڻو ڳالهائڻ جو ته ڪمپيئرنگ ڪندي آهيان ۽ جڏهن موسيقي جي رنگ وکيرڻ جي تي دل چوندي آهي ته ڳائيندي آهيان، پر هاڻ منهنجو سمورو ڌيان فلمن ۽ ڊرامن تي هوندو”.
Ayesha Omar's latest project Kaaf Kangana is an intense romance https://t.co/yKIRCjk0gq
— Ayesha Omar (@TheAyeshaOmar) April 11, 2018
The post عائشا عمر غلطين جو اعتراف ڪري ورتو..! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment