سليڪان ويلي: ذهين گھر ٺاهيندڙ ڪمپني “ريزي” هڪ اهڙو ذهين، آٽوميٽڪ ۽ متحرڪ گند جو دٻو (گاربيج ڪين) ايجاد ڪري ورتو آهي جيڪو ايندڙ سال وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
ان گند جي دٻي ۾ ڦيٿن ۽ موٽرن کان سواءِ ڪمپيوٽرائيزڊ نظام به سلهاڙيل آهي جيڪو هڪ سمارٽ ايپ ذريعي پنهنجي صارف سان رابطي ۾ رهي ٿو. اهو پهريان ڏنل پروگرام موجب، مقرر وقت تي پنهنجي جاءِ ڇڏي اتي پهچي وڃي ٿو جتي گند کڻڻ واري گاڏي پهچي ٿي.
گھربل هنڌ تائين پهچڻ کان پوءِ اهو بيهي رهي ٿو، ايتري تائين جو لاڳاپيل بلدياتي عملو ان ۾ ڀريل گند جي کي ٽرڪ ۾ خالي ڪري واپس زمين تي ڇڏي رکي ٿو. وزن محسوس ڪندڙ سينسر جي مدد سان اهو ترت ڄاڻي وٺي ٿو ته هاڻ ان کي خالي ڪيو ويو آهي، ان ڪري هن کي گھر وڃڻ گھرجي.
هي به پڙهي سگھو ٿا: هوا کي جراثيمن کان پاڪ ڪندڙ گريفين فلٽر
ان جا ڦيٿا گردش ڪندي ٿوري دير ۾ ئي ان کي گھر اندر، مقرر ڪيل جاءِ تائين پهچائن ٿا ۽ اهو پنهنجي مقرر ڪيل جاءِ تي ٻيهر بيهي رهي ٿو.
جيتوڻيڪ هڪ ڀيرو پروگرام ڪرڻ کان پوءِ اهو مڪمل آٽوميٽڪ طور تي ڪم ڪري سگھي ٿو، پر ضرورت پوڻ تي ان کي سيمي آٽوميٽڪ ۽ مينيوئل موڊ تي به آڻي سگھجي ٿو.
هي به پڙهي سگھو ٿا: ڪچيون ڀاڄيون ۽ ميوا کائڻ سان دماغي صحت سٺي رهي ٿي: تحقيق
تازو ئي ان آٽوميٽڪ ذهين گند جي دٻي (Dust Bin) اسٽارٽ اپ ڪمپنين جي هڪ مقابلي ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو آهي. ان ڪاميابي کان پوءِ ريز سمارٽ هومز جي ڪمپني گند جي ان دٻي کي ايندڙ سال تائين مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ پيش ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
Systematix introduced an #IoT based #SmartDustbin Management Solution to automate monitoring of Dustbin. It helps proper routing of waste collection vehicles, save time and reduce operational cost substantially
Read the success story here: https://t.co/Pf1HrK7w6a#MWC19 pic.twitter.com/cr82WqgcGN
— Systematix Infotech (@SystematixInfo) September 23, 2019
The post آٽوميٽڪ، ذهين ۽ سرگرم گند جو دٻو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment