

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ هڪ شخص فائرنگ ڪري پنهنجي ئي ٻن پٽن، ڌيءُ ۽ ڏوهٽيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب شجاع آباد تعلقي ۾ خدا بخش نالي جوابدار پنهنجي ئي گهر ۾ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٻن پٽن ۽ ڌيءُ سميت ڏوهٽي به مارجي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ گهر ۾ موجود ٻه ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، جن کي تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار وٽان هٿيار به هٿ ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب واقعي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.
The post ملتان ۾ همراهه فائرنگ ڪري پٽن، ڌيءُ ۽ ڏوهٽيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment