

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان جي تاريخ ۾ انوکو واقعو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ ماسترياڻي خلاف شاگرد سان زيادتيءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
جناح پارڪ رحيم يار خان جي رهواسي زوهيب احمد ٿاڻي بي ڊويزن رحيم يار خان ۾ ڪيس داخل ڪرايو.
ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ دال درخواست ۾ زوهيب احمد موقف اختيار ڪيو ته (ث) نالي ليڊي ٽيچر سندس ڀاءُ 12 ورهين جي (ف) کي نشي واري شئي کارائي بيهوش ڪيو ۽ ان سان زيادتي جي ويڊيو ٺاهي کيس بليڪ ميل ڪيو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
The post ماسترياڻي شاگرد کي بيهوش ڪرڻ کانپوءِ…؟ رحيم يار خان ۾ ڇرڪائيندڙ واقعو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment