فواد چوڌري وزير اعظم ۽ آرمي چيف کي صلاحون ڏيڻ لڳو…..! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, October 17, 2019

فواد چوڌري وزير اعظم ۽ آرمي چيف کي صلاحون ڏيڻ لڳو…..!


فواد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزير اعظم ۽ آرمي چيف سيٺن بدران نوجوانن سان گهڻو ملن.

راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جو آغاز ڏاڍو سٺو ٿيو هو پر 70 واري ڏهاڪي ۾ مشرقي پاڪستان جو سانحو ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ افغان تڪرار  ۾ ڦاسڻ سبب اسان پنهنجي منزل کان پري ٿيندا وياسين.

هن چيو ته اسان ٻيهر ان آغاز کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ ان جي لاءِ واحد رستو سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، عقل ۽ شعور  تي پنهنجو بنياد رکڻ آهي.

پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي جاري رکندي هن چيو ته نوجوان پاڪستان جي اميد آهي ۽ آئون وزير اعظم، آرمي چيف ۽ ملڪ جي قيادت کي چوان ٿو ته توهان روز سيٺن کي گهرائيندا آهيو، اُهي ته اِهو ئي چوندا ته اسان جي 5 اربن کي 10 ارب ڪري ڏيو، توهان کي نوجوانن سان وڌيڪ ملندا ڪيو، توهان وٽ مستقبل جا خيال آحن ۽ مون کي اميد آهي ته هي نوجوان  پاڪستان جي وڏي مستقبل جو بنياد رکندا.

هي به پڙهي سگهو ٿا:تنقيد باوجود فواد چوڌري عوام کي نوڪريون نه ڏيڻ جي موقف تي قائم

سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته مون ته ان وزارت جو وزير بڻجڻ ئي نه پئي چاهيو ڇو ته پاڪستان ۾ ان جو ايترو رواج ناهي پر اسان ان وزارت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

هن چيو ته هميشه جديد معيشتن کي خانگي شعبا اڳتي وڌائيندا آهن ڪڏهن به حڪومت ان کي ناهي هلائيندي، حڪومت جو ڪم آهي ته خانگي شعبي کي اُهو ماحول ڏين جنهن سان هو ترقي ڪري سگهن.

فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اسان يونيورسٽيز کي بزنس ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سان اُهي يونيورسٽيون جيڪي تحقيق ۾ ڪم ڪري رهيون آهن انُي انٽر پرينيوز بڻجنديون.

هن چيو ته اسان وٽ هتي هر ادارو  حڪومتي فنڊن تي ڀاڙي رهيو آهي ته حڪومت فنڊ ڏئي، جيڪڏهن حڪومت پيسا ڏئي رهي ته هو ٽيڪس ڏيندڙن کان پيسي وٺي رهي، پاڪستان ۾ 2 وڏا مسئلا آهن هڪ پيسا گهٽ آهن ٻيو اسان گهڻا پيسا ضايع ڪندا آهيون، گذريل حڪومتن ۾ ڪيترائي اهڙا منصوبا آهن جنهن تي پيسن کي ضايع ڪيو ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:فواد چوڌريءَ جو مفتين کان معافي جو مطالبو…!

هن وڌيڪ چيو ته اسان معمول جا پٽاٽا، مٽر، ڪپهه ۽ ڪمند وڪڻي پاڪستان جي معشيت کي وڏو سهارو نه ڏئي سگهنداسين، اسان کي جديد  رجحانن ۽ زراعت ڏانهن اچڻو پوندو، هارين کي جديد ٽيڪنڪ تي وڃڻو پوندو.

هن چيو ته مون سرڪاري ملازمتون ڏکيون آهن بابت ڳالهه ڪئي ته ميڊيا ۾ طوفان اچي ويو، پر جيڪو به ماڻهو معيشت بابت الف ب ڄاڻي ٿو ان کي خبر آهي ته خانگي شعبا معيشت کي هلائيندا آهن.

ان کان سواءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جي يو آءِ جي معاملي تي چيو ته ڪڏهن انهن جون ويڊيوز اچي وينديون آهن ته ڏنڊا کڻي گهمن پيا، ڪڏهن سيليوٽ جون ويڊيوز اينديون آهن، شايد هنن جو خيال آهي ته ماڻهو هنن کان ڊڄي ويندا پر ائين نه ٿيندو.

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سياستدان آهي، هو اهڙو ئي رويو اختيار ڪري، مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف کي اِهو ٻڌائڻ جو شُق آهي ته اسان ايترا اهم آهيون جو پرڏيهي دورن ۾ اسان تي ڳالهيون ٿينديون آهن.

The post فواد چوڌري وزير اعظم ۽ آرمي چيف کي صلاحون ڏيڻ لڳو…..! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages