ايف ڊبليو او اختيار اورانگهي رهي آهي…! اهم ڪميٽي ۾ بحث - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, October 17, 2019

ايف ڊبليو او اختيار اورانگهي رهي آهي…! اهم ڪميٽي ۾ بحث


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ايف ڊبليو او جي رويي تي سخت خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا.

سينيٽ جي مواصلات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس هدايت الله خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) جي رويي ۽ مسافرن جي سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪرڻ جي عمل قبول نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏيندي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو.

ڪميٽي چيئرمين چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪرڻ ايف ڊبليو او جو اختيار ئي ناهي، هڪ ڪانٽريڪٽر (ٺيڪيدار) ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڪيئن ٿو چڪاسي سگهي؟ ايف ڊبليو او طرفان ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪرڻ قبولڻ جوڳو عمل ناهي.

نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) چيئرمين چيو ته ايف ڊبليو او جي رويي جو معاملو هڪ ڪرنل اڳيان اٿاريو ۽ ايف ڊبليو او کي پنهنجو رويو بهتر ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

سينيٽر مولا بخش چانڊيي چيو ته ڪالهه ڪراچي ۾ ماڻهو مارجي ويا، بهر امند تنگي چيو ته پئسن خاطر ڪڏهن اسٽيڪر ۽ ڪڏهن اشتهارن جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي، هڪ ڪانٽريڪٽر طرفان سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪرڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

The post ايف ڊبليو او اختيار اورانگهي رهي آهي…! اهم ڪميٽي ۾ بحث appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages