

گجرانوالا (ويب ڊيسڪ) شاهد آفريدي چيو آهي ته مولانا صاحب ڌرڻو وقت کان اڳ ڏئي رهيو آهي، حڪومت کي ٿورو وقت ڏيڻ گھرجي.
گجرانوالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو ته قومي ٽيم جي حالت 70 ورهين کان اهڙي ئي آهي، ڪڏهن به تسلسل ناهي رهيو، نئون ٽئلينٽ سامهون ايندو آهي ۽ پوءِ وري غائب ٿي ويندو آهي، بهتري آڻڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا ان حوالي سان مصباح الحق وٽ ٽئي عهدا آهن هن تي وڏي ذميواري آهي.
هي به پڙهي سگھو ٿا: اڌ اگھاڙي تصوير تي شين واٽسن شرمندو…!!
هن چيو ته سريلنڪن سٺي ڪرڪيٽ کيڏي، اسان اسٽارز سان کيڏڻ وياسين پوءِ به شڪست ٿي جيڪا فڪر جي ڳالهه آهي، عبدالله رزاق کان پوءِ بعد ڪو به هارڊ هٽر ناهي آيو، ان ڪري چيو هو ته اسان وٽ ٽئلينٽ نه آهي پر منهنجي ڳالهه کي غلط ورتو ويو جڏهن ته ڪرڪيٽ اڪيڊمي قائم ڪرڻ چاهيان پيو پر سنڌ حڪومت طرفان هاڪاري سهڪار نه مليو.
هي به پڙهي سگھو ٿا: انعام بٽ ڪشميرين کي انعام ڏئي ڇڏيو
هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد آفريدي چيو ته سياست ۾ اچڻ جي سوال تي نه ڪيان ۽ وري پوءِ اچي وڃان ته ڇا ڪندس، سياستدان جو ڪم عوام جي خدمت ڪرڻ آهي، ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي سياست ۾ اچڻ گھرجي ۽ جڏهن ماحول ڏسندو آهيان ته چوندو آهيان ته نه اڃا نه جڏهن ته حڪومت کي ڪجهه وقت ڏيڻ گھرجي، مولانا صاحب ڌرڻو جلدي ۽ وقت کان اڳ ڏئي رهيو آهي، اپوزيشن کي عمران خان کي سپورٽ ڪرڻو پوندو، عمران ڀائي هن جي جاءِ تي ڪو به وزيراعظم هجي اسان کي ان جو ساٿ ڏيڻو پوندو.
Who bowls the best ‘wrong’ un’ in cricket?
#OnThisDay in 1877, Bernard Bosanquet – the man who invented the ‘googly’ – was born!#LoveLords | @SAfridiOfficial pic.twitter.com/cYpNji98bJ
— Lord’s Cricket Ground (@HomeOfCricket) October 13, 2019
The post مولانا تڪڙ ڪري رهيو آهي…..! appeared first on Awami Awaz.


No comments:
Post a Comment