ڪيلي جي کل جا حيران ڪندڙ  فائدا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, October 15, 2019

ڪيلي جي کل جا حيران ڪندڙ  فائدا


ڪيلي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي ته ڪيلو غذائيت سان ڀرپور ميوو سمجهيو ويندو آهي جيڪو نه رڳو کائڻ ۾ به مزيدار هوندو آهي پر ڪيلي ۾ پروٽين، فائبر، وٽامن بي 6 ۽ پوٽاشيئم به وڏي مقدار ۾ موجود هوندا آهن.

اڄ اسان ڪيلي جي فائدن بابت ناهيون ڳالهائي رهيا، اسان اوهان کي ڪيلي جي کل جي فائدن بابت ٻڌائينداسين جيڪا عام طور تي گند جي پيٽي ۾ اڇلي ويندي آهي.

ماهرن موجب ڪيلي جي کل وارن، جلد، ڏندن جي خوبصورتي کي وڌائڻ کان سواءِ صحت لاءِ به گھڻي فائديمند سمجهي ويندي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: دنيا ۾ ٻه ارب 20 ڪروڙ ماڻهو اکين جي خرابين جو شڪارآهن: صحت…

ڪيلي جي کل ۾ گھڻا فائدا آهن جن کي ڄاڻڻ کان پوءِ اوهان ان کي اڇلڻ ڪڏهن به پسند نه ڪندئو.

خارش يا ايلرجي

ڪيلي جي کل مڇر يا ڪنهن شيءَ جي چڪ پائڻ کان پوءِ خارش ۽ ساڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ گھڻي فائديمند سمجهي ويندي آهي. جيڪڏهن اوهان کي ڪنهن جيت چڪ پاتو آهي ته فوري طور تي متاثر جاءِ تي  کل رهڙيو ان سان اوهان کي جلد آرام ملي ويندو.

چمڪندڙ ڏند

ڪيلي

ڏندن کي چمڪندڙ ۽ اڇو بڻائڻ لاءِ ماڻهو ڪيترائي پيسا زيان ڪري ٽريٽمينٽ ڪرائيندا آهن. ڪيلي جي کل ۾ پوٽاشيئم جو وڏو مقدار موجود هوندو آهي اهو ئي سبب آهي جو  اها ڏندن کي چمڪندڙ بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: آمريڪا ۾ پوليو جهڙي پراسرار بيماري جو حملو

روزانو ڪيلي جي کل کي ڏندن تي رهڙڻ سان ٻن هفتن ۾ ئي اوهان کي حيران ڪندڙ نتيجا حاصل ٿيندا.

بهترين جلد

ڪيلي

ڪيلي جي کل ۾ اينٽي آڪسيڊينٽ موجود هوندا آهن جيڪي جلد لاءِ گھڻا فائديمند آهن.

جيڪڏهن  اوهان پنهنجي چهري جا گھنج گھٽائڻ چاهيو ٿا ته ڪيلي جي کل کڻو ۽ ان کي ان جاءِ تي رهڙيو جتي گھنج وڌيڪ هجن ڪجهه دير تائين ان سان مساج ڪيو ۽ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ منهن ڌوئي ڇڏيو.

ائين ڪرڻ سان چهري جا گھنج ڪافي حد تائين گھٽجي ويندا.

ڪولسٽرول ۾ گھٽتائي

ڪيلي

جيڪڏهن اوهان ڪيلي جي کل کائيندئو ته ان ۾ موجود فائبر اوهان جي جسم ۾ موجود ڪولسٽرول جي مقدار کي وڌڻ نه ڏيندو ۽ اهو دل جي صحت لاءِ به فائديمند آهي.

 

The post ڪيلي جي کل جا حيران ڪندڙ  فائدا appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages