شاهي مهمانن جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات، مختلف هنڌن جا دورا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, October 15, 2019

شاهي مهمانن جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات، مختلف هنڌن جا دورا


صدر ۽

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) برطانوي شهزادي وليم ۽ سندس گهرواري شهزادي ڪيٽ مڊلٽن پاڪستان ۾ پنهنجي دوري جي ٻئي ڏينهن مختلف تقريبن ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف هنڌن جا دورا ڪيا، جڏهن ته شاهي جوڙي صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سان پڻ ملاقات ڪئي.

گذريل رات پاڪستان پهتل برطانوي شاهي مهمانن ايوان صدر ۾ صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو ۽ ٻيا سفارتي عهديدار پڻ شريڪ ٿيا.

هي به پڙهي سگهو ٿا: برطانوي شاهي جوڙو تاريخي دوري تي پاڪستان پهچي ويو

صدر ۽ خاتون اول شهزادي وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن جي آجيان ڪئي ۽ ذهني صحت، غربت جي خاتمي ۽ ماحولياتي تبديلين جهڙن مسئلن جي آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ دوري تي سندن ٿورا مڃيا.


ان موقعي تي برطانوي جوڙي گرم جوشي سان استقبال تي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ماحولياتي تبديلين تي ضابطي توڙي غربت جي خاتمي لاءِ پاڪستاني حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو.

ايوان صدر کانپوءِ شاهي مهمان وزيراعظم هائوس جتي، جتي وزيراعظم عمران خان پاڻ انهن جو زبردست آڌرڀاءُ ڪيو.

وزيراعظم هائوس پهچڻ تي برطانوي جوڙي وزيراعظم طرفان ڏنل مانجهاندي ۾ به شرڪت ڪئي.


ان کان اڳ برطانوي شهزادي ۽ سندس گهرواري گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول يونيورسٽي ڪالوني اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ ”ٽيچ فار پاڪستان“ مهم جي اثرن جو جائزو ورتو.

وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن اسڪول جا مختلف حصا ڏٺا ۽ رياضي جي جماعت جو معائنو ڪيو، جڏهن ته شاهي مهمان شاگردن سان به مليا.

ان موقعي تي اسڪول انتظاميا شاهي جوڙي کي تعليمي سرگرمين جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ کين پاڪستان جي تعليمي نظام بابت آگاهه ڪيو.

شهزادو وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن ان کانپوءِ اسلام آباد ۾ ٽريل 5 واري هنڌ ماحولياتي تحفظ بابت تقريب ۾ شريڪ ٿيا، جتي کين ان حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.

The post شاهي مهمانن جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات، مختلف هنڌن جا دورا appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages