ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) انگلش نٿي اچي يا دنيا جي ڪنهن ٻي ٻولي کان واقف نه آهيو ۽ ان ڪري پرڏيهي دوستن سان به نٿا ڳالهائي سگھو ؟ پر هاڻ اهو مسئلو حقيقت ۾ مسئلو ناهي رهيو.
گوگل هڪ اهڙو نئون ايئر فون پڪسل بڊز متعارف ڪرايو آهي جيڪو ڪنهن به ٻولي کان عدم واقفيت کي مسئلو نٿو بڻجڻ ڏئي.
گوگل موجب مشين لرننگ ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالوجي سان ليس ان ايئرفون جي ذريعي ماڻهو گوگل ٽرانسليشن سان ريئل ٽائيم ۾ لفظن جو ترجمو ٻڌي سگھندا، يعني هڪ سائنس فڪشن خيال کي ڪافي حد تائين حقيقت جي شڪل ڏني وئي آهي.
هي به پڙهي سگھو ٿا:
پڪسل بڊز ۾ گوگل اسسٽنٽ تائين هيڊ فري پهچ ڏني وئي آهي جنهن جي مدد سان فون تي فوري طور ڪم ڪري سگھجي ٿو، بس رڳو گوگل چئي ڪري پنهنجي مطلب جو ڪم چئي ڇڏيو جئين ايس ايم ايس موڪلڻ يا ڪنهن پرڏيهي ٻولي جو ترجمو، رستن جي آگاهي، موسيقي کي ڪنٽرول ۽ ٻيو به گھڻو ڪجهه..
ڪن ۾ سولائي سان فٽ ٿي ويندڙ اهو ڊيوائيس نئين اڊاپٽو سائونڊ فيچر سان ليس آهي جيڪو ڀرپاسي جي ماحولي کي گوڙ موجب واليوم کي ايڊجسٽ ڪري ڇڏي ٿو.
هي به پڙهي سگھو ٿا: بليڪ هول جو پراسرار راز، جنهن کي انساني اک ڪڏهن به ناهي ڏٺو
بليوٽوٿ جي مدد سان ان کي فون سان 100 گز پري کان به استعمال ڪري سگھجي ٿو.
سنگل چارج جي لاڳيتو استعمال تي اهو 5 ڪلاڪن تائين ڪم ڪندو پر هڪ چارجنگ ڪيس جي ڪري وقت 24 ڪلاڪن تائين وڌائي سگھجي ٿو.
هي به پڙهي سگھو ٿا: چين ۾ مستقبل جي گاڏي پيش ٿي وئي
گوگل موجب نئين پڪسل بڊز ۾ بهتر سائونڊ ڪوالٽي ڏني وئي آهي ۽ گوڙ واري ماحول ۾ اوهان ڳياڙي جي حرڪت ذريعي مائڪرو فن جي بيم فارمنگ پرفارمنس کي بهتر بڻائي سگھو ٿا.
ان کان اڳ 2017ع ۾ به گوگل پڪسل بڊز متعارف ڪرايا هئا پر اهي ايترا بهتر ثابت نه ٿيا هئا ۽ وائرليس به نه هئا ڇو جو اهي هڪ ڪنيڪٽنگ ڪيبل سان لاڳاپيل هئا.
واضح رهي ته اهي نوان پڪسل بڊز ايندڙ 179ڊالرن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيا ويندا.
The post گوگل اسسٽنٽ سان ليس نوان پڪسل ايئرفون…! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment