هڪ ئي صورت ۾ حڪومت سان ڳالهيون ٿينديون…؟ فضل الرحمان شرط رکي ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, October 16, 2019

هڪ ئي صورت ۾ حڪومت سان ڳالهيون ٿينديون…؟ فضل الرحمان شرط رکي ڇڏيو


الرحمان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ کان اڳ حڪومت سان ڳالهين نه ٿينديون.

پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي سان ملاقات کانپوءِ ساڻس گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته قوم 10 مهينن ۾ جعلي چونڊن جا نتيجا ڏسي ڇڏيا، 4 سئو ادارا کپايا پيا وڃن، هاڻ سڄي قوم جو هڪ ئي آواز آهي ته نيون چونڊون ڪرايون وڃن، چونڊن کانپوءِ جيڪي به نتيجا اچن، ڪير به کٽي اسان کي قبول هوندو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: جيڪڏهن خلائي مخلوق کان غلطي ٿي آهي ته تسليم ڪري: فضل الرحمان

هن چيو ته حڪومتي ماڻهو غلط فهميون پيدا ڪري رهيا آهن، حڪومت جا سمورا حربا ناڪام ٿي چڪا آهن، وزيراعظم جي استعيفيٰ کان اڳ حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون، آئين جي حڪمراني ۽ ادارن طرفان حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ جي مطالبي تي ٻي راءِ نٿي ٿي سگهي.

سندس چوڻ هو ته ڪنهن به اداري عوام جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته سمجهيو ويندو ادارا رياست لاءِ نه پر ڪنهن ٻئي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن، اسان ادارن سان تڪرار نٿا چاهيون پر ادارن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جيڪڏهن مارشل لا جي ڪوشش ڪئي وئي ته آزادي جو رُخ انهن ڏانهن موڙيو ويندو.

ان موقعي تي محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي، پاڪستان ڏينهون ڏينهن اڪيلو ٿيندو پيو وڃي، جيڪڏهن سڀ ادارا اهو پڪو پهه ڪن ته پنهنجي حدن ۾ رهندا ته پاڪستان ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي تحريڪ کي مذهبي تحريڪ سان جوڙڻ غلط آهي، بنا دير هڪ گول ميز ڪانفرنس گهرائي وڃي، جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان کي آڻڻ منهنجي ذميواري آهي.

سندس چوڻ هو ته آئين جي بالادستي لاءِ اسان آزادي مارچ ۾ شامل ٿينداسين.

The post هڪ ئي صورت ۾ حڪومت سان ڳالهيون ٿينديون…؟ فضل الرحمان شرط رکي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages