لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ بچائڻ لاءِ بنا دير نيون چونڊون ڪرايون وڃن.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ملڪ هن نالائق حڪومت جو وڌيڪ بار برداشت نٿو ڪري سگهي، حڪومت کي گهر موڪلڻ ملڪ بچائڻ جي برابر آهي ۽ اپوزيشن جماعتن سان گڏجي ملڪ کي ظالم حڪومت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.
هن چيو ته اڄ پاڪستان اونداهي ڏانهن وڃي رهيو آهي، معيشت تباهه ٿي وئي آهي، حڪومت مان ڇوٽڪارو ملڪ بچائڻ جو چئلينج بڻجي ويو آهي، ن ليگ حڪومت خلاف هر احتجاجي تحريڪ ۾ اڳڀري هوندي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ڏکڻ پنجاب جي نعري تي ماڻهن کي ورغلايو، پي ٽي آءِ حڪومت پنجاب کي تباهه ڪري رهي آهي، پنجاب بچايو تحريڪ هلائڻي پوندي.
The post ن ليگ جو حڪومت جي خاتمي لاءِ هر حد تائين وڃڻ جو اعلان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment