

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اسڪروٽني ڪميٽي جي ذريعي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڪائونٽ جي آڊٽ تي حڪمران پارٽي طرفان ڪيل اعتراض جون 4 اپيلون رد ڪري ڇڏيون.
چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار محمد رضا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اسڪروٽني ڪميٽي کي ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو.
ان کان سواءِ اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي اسڪروٽني ڪميٽي جي سامهون 14 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جي هدايت به ڪئي.
ان کان اڳ پي ٽي آءِ جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اي سي پي جو اجلاس 18 مهينن کان پوءِ پهرين آڪٽوبر تي ٿيو هو جنهن ۾ انهن درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو.
واضح رهي ته وزير اعظم عمران خان سان پارٽي ۾ اندرين ڪرپشن ۽ سياسي فنڊنگ بابت قانون جي غلط استعمال تي اختلاف کان پوءِ پي ٽي آءِ جي باغي اڳواڻ ۽ درخواستگذار اڪبر ايس بابر 2014ع ۾ اي سي پي ۾ پرڏيهي فنڊنگ بابت ڪيس داخل ڪيو هو.
درخواستگذار اڪبر ايس بابر الزام هنيو ته غير قانوني فنڊنگ ۾ لڳ ڀڳ 30 لک ڊالر 2 آف شور ڪمپنين جي ذريعي گڏ ڪيا ويا ۽ اِها رقم غير قانوني طريقي سان مني لانڊرنگ جي ذريعي وچ اوڀر مان پي ٽي آءِ ملازمن جي اڪائونٽ ۾ موڪلي وئي.
هي به پڙهي سگهو ٿا:تحريڪ انصاف جي درخواستن تي فيصلو محفوظ….!
هن اِهو به الزام هنيو هو ته فنڊ گڏ ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿيل پرڏيهي اڪائونٽس کي اي سي پي ۾ جمع ڪرايل سالياني آڊٽ رپورٽن کان لڪايو ويو هو.
بعد ۾ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين ان ڪيس جي ٻڌڻي اي سي پي ۾ دير جو شڪار ٿي ڇو ته پي ٽي آءِ طرفان آڪٽوبر 2015ع ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست داخل ڪئي وئي ته ان جي اڪائونٽس جي ڇنڊ ڇاڻ کان اي سي پي کي روڪيو وڃي.
جنهن کان پوءِ فيبروري 2017ع ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ داخل اختيارن تي جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪيس کي ٻيهر اي سي پي ۾ موڪلي ڇڏيو هو.
جنهن کان پوءِ گذريل سال مارچ ۾ پي ٽي آءِ کي هڪ مهيني دوران پرڏيهه مان ٿيل فنڊنگ جي مڪمل آڊٽ جي لاءِ اسڪروٽني ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي جنهن جي مينڊيٽ کي بعد ۾ هڪ مهيني جي لاءِ بدران اڻ ڄاتل مدي تائين واڌ ڏني وئي هئي.
ان کان سواءِ درخواست ۾ اِهو به الزام هنيو ويو هو ته ڄاڻايل ڪيس جي ڪارروائي کي ٽيليوزن جي ٽاڪ شوز ۾ بحث هيٺ آڻي پي ٽي آءِ جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي.
هڪ ٻي درخواست ۾ پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي هن جي غير حاضري ۾ ٻڌڻي ڪرڻ جو الزام هنيو هو جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل ڪميٽي جي آڊر شيٽ پڙهي هئي جنهن ۾ هر ٻڌڻي ۾ پي ٽي آءِ نمائندن جي موجودگي جو لکيل هو.
ساڳي ڪيس ۾ داخل هڪ ٻي درخواست ۾ پي ٽي آءِ سوال ڪيو هو ته اڪبر ايس بابر ڪهڙي حيثيت سان اسڪروٽني جي ڪارروائي ۾ پيش ٿئي ٿو جڏهن ته هو هاڻ پارٽي جو ميمبر به ناهي جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل ان الزام کي اي سي پي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي توهين قرار ڏيندي چيو هو ته انهن ٻنهي ادارن اڪبر ايس بابر کي پي ٽي آءِ ميمبر قبول ڪيو هو.
اڪبر ايس بابر جي ڳالهه ٻولهه:
اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس جي درخواستگذار ۽ باني اڳواڻ اڪبر ايس بابر جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي فنڊنگ جي اسڪروٽني جو عمل پنهنجي منطقي انجام تي پهچندو.
الحمد الله تحريڪ انصاف جي چئني درخواستن کي اليڪشن ڪميشن رد ڪيو جڏهن ته تحريڪ انصاف ان کان پهرين به اليڪشن ڪميشن ۽ هاءِ ڪورٽن ۾ درخواستون ڏئي چڪي هئي.
تحريڪ انصاف ڪيس مان ڀڃڻ جي لاءِ دير وارا حرٻا استعمال ڪري رهي آهي ڇو ته اسڪروٽني ڪميٽي جا 2 درجن کان وڌيڪ اجلاس ٿي چڪا آهن. قانون چوي ٿو ته هر سياسي ورڪر تائين سياسي پارٽي جي تفصيل تائين پهچ هجي ۽ پي ٽي آءِ هميشه منهنجي رڪنيت تي اعتراض ڪندي آهي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي خلاف فنڊنگ ڪيس عوام جي سامهون اصل حقيقتون کڻي ايندو.
هن وڌيڪ چيو ته پارٽي چيئرمين عمران خان سان منهنجي ڪا به ذاتي دشمين ناهي پر اسان جيڪي اصول ٻين تي لاڳو ڪيا هئا اُهي هاڻ پاڻ تي به لاڳو ڪرڻا پوندا.
— Akbar S babar PTI (@asbabar786) October 2, 2019
The post پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جا اعتراض رد….! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment