ڀارت جي جوهري معاملن ۾ تبديلين بابت باخبر آهيون: جنرل زبير محمود - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, October 10, 2019

ڀارت جي جوهري معاملن ۾ تبديلين بابت باخبر آهيون: جنرل زبير محمود


جنرل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ اسان کي خبر آهي ته ڀارت جوهري معاملن ۾ خطرناڪ تبديليون آڻي رهيو آهي جنهن بابت مڪمل طور تي آگاههه آهيون.

هن چيو ته انهن جوهري تبديلين ۾ فورسز جي مقرري، بيلسٽڪ ميزائيل ڊفينس جي تياري ۽ اينٽي سيٽلائيٽ ٽيسٽ شامل آهن.

جنرل زبير  محمود حيات خبردار ڪيو ته پاڪستان وٽ جواب ڏيڻ لاءِ بااعتماد تزويراتي حڪمت عملي آهي جيڪا نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي کي امڪاني آپشنز فراهم ڪندي آهي ان ڪري بهتر آهي ته امن جي بحالي تي ڌيان ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگھو ٿا: مولانا فضل الرحمان آزادي مارچ تي يوٽرن وٺي ڇڏيو…!

رسالپور پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب ٿي جنهن ۾ پاس آئوٽ ٿيل ڪيڊٽس ۽ هنن جي والدين کي مبارڪ پيش ڪندي جنرل زبير محمود حيات چيو ته هندوتوا جي علمبردار راشٽريا سويم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) نه رڳو ڀارت ۾ اقليتن لاءِ حالتون خراب ڪري ڇڏيون پر ان جون وڌندڙ جارحاڻيون  سازشون پاڪستان ۽ سموري خطي لاءِ خطرو بڻجي ويون آهن.

هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن والاريل ڪشمير جي حل سان مشروط آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪشميرين جي اميدن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪڍيو وڃي.

جنرل زبير محمود واضح ڪيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جي ڀارتي قدم کي رد ڪري ٿو.

هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي غير انساني سلوڪ جي مذمت ڪيون ٿا ۽ وادي ۾ 60 ڏينهن کان وڌيڪ جاري ڪرفيو ۽ مواصلات تي پابندي انساني شعور لاءِ يقين نه ڪرڻ جوڳو آهي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان، ڪشميري ڀائرن سان اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سهڪار جاري رکندو.

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي چيو ته ڪشمير اسان جي رت ۾ ڊوڙندو آهي، پاڪستان ڪشمير آهي ۽ ڪشمير پاڪستان.

هي به ڏسي سگھو ٿا: گٽڪي جي وڪري ۾ پوليس ۽ چونڊيل نمائندا به ملوث قرار

هن چيو ته پاڪستان جٽادار امن لاءِ دهشتگردي خلاف جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪيو.

جنرل زبير محمود حيات چيو ته جيڪڏهن امن لاءِ اسان جي ڪوششن کي اسان جي ڪمزوري سمجهيو ويو ته قوم، ملڪي سالميت ۽ خودمختيار رياست جي مفاد تي ڪا به سوديبازي نه ڪندي.

هن چيو ته فوج ڪنهن به ٻاهرين جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ هر محاذ تي تيار آهي. جيڪڏهن هٿ ملايو وڃي ته هٿ ملائينداسين پر اکيون ڏيکاريون ويون ته اکيون ڏيکارينداسين.

خطاب جي آخر ۾ هن چيو ته اميد آهي ته پاس آئوٽ ٿيل ڪيڊٽس وطن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪندا.

The post ڀارت جي جوهري معاملن ۾ تبديلين بابت باخبر آهيون: جنرل زبير محمود appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages