

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ ڊبل روڊ تي نادرا آفيس ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
شروعاتي اطلاعن موجب شهر جي مصروف علائقي ڊبل روڊ تي نادرا آفيس ٻاهران پوليس وين ڀرسان زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن سان هڪ گاڏي کي باهه وڪوڙي وئي.
واقعي جي اطلاع تي پوليس اختياريون پهتيون، جڏهن ته ريسڪيو ٽيمن پڻ واردات واري پهچي امدادي ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون.
ڌماڪي ۾ نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو مارجڻ جا اطلاع آهن.
نوٽ: اها شروعاتي خبر آهي، جنهن ۾ تفصيل شامل ڪيا پيا وڃن
The post ڪوئيٽا ۾ پوليس وين ڀرسان ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment