اقرا ۽ ياسر موڪلن تي، مداحن جو ردعمل - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, October 15, 2019

اقرا ۽ ياسر موڪلن تي، مداحن جو ردعمل


اقرا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٻن ناليوارين شخصيتن اداڪار ياسر حسين ۽ اقرا عزيز هلندڙ سال جي شروعات ۾ هڪ ٻئي سان مڱڻي ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو هو.

ٻنهي جون تصويرون ۽ ويڊيوز سوشل ميڊيا تي سامهون ايندا رهندا آهن، جڏهن ته مڱڻي کان اڳ به ٻئي هڪ ٻئي سان گڏ پاڻ پنهنجون سيلفيون مداحن سان شيئر ڪندا رهيا.

هن وقت ٻئي اداڪار موڪلون ملهائڻ آمريڪي رياست فلوريڊا جي هڪ شهر ميامي ۾ موجود آهن جتان مختلف تصويرون شيئر ڪري رهيا آهن جيڪي مداحن جي ڌيان جو  مرڪز بڻيل آهن.

اقرا

ياسر حسين پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي مڱيندي سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو اقرا کي مٿي کڻي بيٺل نظر اچي رهيو آهي.

اقرا

جتي ان تصوير کي مداحن پسند ڪيو، اتي سندن  انداز تي سخت تنقيد به ڪئي پئي وڃي.

تصوير تي اهڙا گھڻا ڪمينٽس سامهون آيا جنهن ۾ واهپيدارن پنهنجي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو جڏهن ته ان انداز کي نامناسب قرار ڏنو.

هڪ واهپيدار ٻنهي جي جوڙي کي ڇڇورو چيو.

جڏهن ته ٻنهي کي شادي جو مشور پڻ ڏنو.

هن اداڪار جي ان تصوير تي تنقيد ڪئي.

جڏهن ته هن جو چوڻ هو ته جڏهن آئون 5 ورهين جي هيس ته منهنجي والدا مون کي ائين ئي کڻي کيڏائيندي هئي.

هن موجب هوءَ ياسر جي مداح هئي پر ان تصوير کان پوءِ اداڪارن کي ان فالو ڪري رهي آهي.

جيتوڻيڪ هن ٻين کي ياسر  ۽ اقرا جي ذاتي معاملن کان پري رهڻ جو مشورو به  ڏنو.

The post اقرا ۽ ياسر موڪلن تي، مداحن جو ردعمل appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages