انور مجيد خلاف مني لانڊرنگ ۽ بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ فيصلو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, October 16, 2019

انور مجيد خلاف مني لانڊرنگ ۽ بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ فيصلو


انور

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد خلاف مني لانڊرنگ ۽ بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد خلاف مني لانڊرنگ ۽ بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪيو ويندو، هن ٻين جوابدارن سان گڏجي قومي ناڻي کي 34 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچايو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: واپاري دانهن کڻي آرمي چيف وٽ ڇو ويا…؟ نيب چيئرمين ڪاوڙجي پيو

نيب سيد عارف خان ۽ بلوچستان ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرمين سعادت انور خلاف به ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان سان گڏوگڏ نثار احمد افضل، صغير احمد ۽ ٻين خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ انڪوائرين جي به منظوري ڏني وئي، جن ۾ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، بلوچستان ڊولپمينٽ اٿارٽي ڪوئيٽا جي انتظاميا ۽ ٻين خلاف انڪوائريز شامل آهن.

نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اوگرا، پنجاب انرجي هولڊنگ ڪمپني، فضل امين، سراج الدين، عبدالولي خان يونيورسٽي مردان جي آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف عدم شاهدين تي انڪوائريز بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

ان موقعي تي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته قومي احتساب بيورو گذريل 23 مهينن ۾ 71 ارب رپيا بدعنوان عنصرن وٽان هٿ ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا، نيب جو ايمان ڪرپشن فري پاڪستان آهي، ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو نيب جي پهرين ترجيح آهي.

سندس چوڻ هو ته ميگا ڪرپشن جي وائيٽ ڪالر ڪيسن کي انجام تائين پهچائڻ پهرين ترجيح آهي، ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن، نيب فيس نه پر ڪيس جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، غير قانوني هائوسنگ سوسائٽيز کان اربين رپيا هٿ ڪري متاثرن کي واپس ڪيا ويا.

The post انور مجيد خلاف مني لانڊرنگ ۽ بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ فيصلو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages