

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته گڏيل قومون عمران خان کي چندو جمع ڪرائڻ واري ڪنهن عهدي تي لڳائي هن لنگر خاني واري حڪومت مان اسان جي جان ڇڏائي.
اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نارووال اسپورٽس سٽي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، نيب پراسيڪيوٽر احسن اقبال جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ جي درخواست ڪندي موقف اختيار ڪيو ته احسن اقبال کي 23 ڊسمبر تي گرفتار ڪيو ۽ سندس خلاف جاچ هلي رهي آهي، لاڳاپيل رڪارڊ قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته گواهن جا بيان به قلمبند ڪيا ويا آهن، ان حوالي سان ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ جوابدار جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.
نيب جي درخواست تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته جوابدار جو 28 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ٿي ويو، ڇا 90 ڏينهن جو ريمانڊ کپي؟ عدالت نيب جي درخواست رد ڪندي احسن اقبال کي 14 ڏينهن لاءِ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.
عدالت حڪم ڏنو ته احسن اقبال کي 7 فيبروري تي ٻيهر پيش ڪيو وڃي.
احتساب عدالت احسن اقبال جي جيل ۾ گهر وارن سان ملاقات، سندس علاج ۽ گهر جي کاڌي جي اجازت ڏئي ڇڏي.
The post گڏيل قومون عمران خان کي چندي تي لڳائي اسان جي جان ڇڏائين: احسن اقبال appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment