

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) سموري ملڪ ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي بحران جي آڙ ۾ شوگر مافيا کنڊ جي اگهن ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو.
ڪرشنگ سيزن جاري ٿيڻ کانپوءِ 100 ڪلو کنڊ جي ٻوري 500 رپيا مهانگي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻوري جي قيمت 6 هزار 860 کان وڌي 7 هزار 340 رپيا ٿي وئي، في ڪلو کنڊ هول سيل ۾ 75 رپيا جڏهن ته پرچون جي دڪان تي 80 رپيا ڪلو تائين وڪرو ٿيڻ لڳي.
عالمي مارڪيٽ ۾ کنڊ جا اگهه 50 رپيا في ڪلو کان به گهٽ آهن ۽ ان ريٽ تي عالمي منڊين مان خريد ڪيل کنڊ پاڪستاني مارڪيٽ ۾ 100 ڪلو واري ٻوري 5 هزار 800 رپين جي پوندي.
کنڊ جي اگهن ۾ اوچتي اضافي تي انتظاميه خاموشي آهي ۽ ذخيره ڪندڙ عنصر متهرڪ آهن ۽ هنن کنڊ کي اسٽاڪ ڪرڻ لاءِ اربين رپيا لڳائي ڇڏيا. پنجاب ۾ 10 ملين ميٽرڪ ٽن ڪرشنگ ٿي چڪي آهي ۽ 10 لک 51 هزار ٽن کنڊ جا ذخيره موجود آهن.
The post تبديلي سرڪار عوام لاءِ عذاب بڻجي وئي، اٽي کانپوءِ کنڊ به مهانگي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment