

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي حمايت نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سينيٽر سراج الحق جو پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته يوان ۾ سڀ کان اهم ڪم قانون سازي هوندو آهي، ملڪ جي مفاد کي پهرين ترجيح ڏيڻ گهرجي ان ڪري قانون سازي ۾ جلد بازي ڪرڻ ۽ پراسرار طور تي پاس ڪرڻ قوم جي حق ۾ ناهي.
هن اعلان ڪيو ته اسان حڪومتي بل جي حمايت نه ڪنداسين.
سراج الحق جو چوڻ هو ته پاڪ فوج تي اسان کي فخر آهي، آزمائش جي گهڙي ۾ پاڪستان قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجي آئين جي تحفظ لاءِ حلف کنيو آهي، اسان کي ادارن کي مضبوط بڻائڻو آهي، اِهو ايوان جي صلاحيت جو امتحان آهي، اِها قانون سازي اداري جي لاءِ ناهي، ضرورت جي نظريي جي بنياد تي جڏهن به فيصلا ٿيا بعد ۾ شرمندگي ٿي.
The post پاڪ فوج تي فخر آهي پر حڪومتي بل جي حمايت نه ڪندس…! سراج الحق appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment