آرمي چيف جي معاملي تي عدليه انتظاميا جي اختيار ۾ مداخلت ڪئي: وزير اعظم عمران خان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, January 3, 2020

demo-image

آرمي چيف جي معاملي تي عدليه انتظاميا جي اختيار ۾ مداخلت ڪئي: وزير اعظم عمران خان

imran-khan-2
imran-khan-2

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جي واڌ واري معاملي تي عدليه انتظاميا جي اختيار ۾ مداخلت ڪئي.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارليماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، ذريعن موجب اجلاس ۾ پارليماني پارٽي کي آرمي ايڪٽ ترميمي بل بابت اعتماد ۾ ورتو ويو جڏهن ته پارليماني پارٽي کي نيب ترميم آرڊيننس بابت به بريفنگ ڏني وئي.

ذريعن موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن سوال به ڪيا، قومي اسيمبلي جي ميمبر رميش ڪمار سوال ڪيو ته قانونسازي ڪرڻي هئي ته حڪومت نظر ثاني اپيل ڇو ڪئي جنهن تي وزير اعظم چيو ته اسان جي خيال ۾ عدليه انتظاميا جي اختيارن ۾ مداخلت ڪئي، اهم عهدن جي مقرري حڪومت جو اختيار آهي، ان ڪري نظرثاني اپيل ۾ اختيارن جي مقرري بابت نقطا کنيا آهن.

اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي اٽارني جنرل ٻڌايو ته نظرثاني اپيل ۾ اختيارن جي مقرري بابت نقطا کنيا ويا آهن جڏهن ته اٽارني جنرل شرڪت ڪندڙن کي نيب آرڊيننس ۾ لاهن چاڙهن تي بريفنگ ڏني.

ان موقعي تي وزير اعظم چيو ته بيورو ڪريٽ ۽ واپاري طبقي کي نيب بابت خدشا هئا جنهن جي ڪري ملڪي ترقي بيهي وئي، ملڪي مفاد ۾ نيب ترميم آرڊيننس 2019ع آڻڻو پيو، مخالف ڌر سان گڏ حڪومتي ڪميٽ  نيب آرڊيننس تي ڳالهيون ڪري رهي آهي.

وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪيو، حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ قانون سازي مڪمل ڪئي پر مخالف ڌر سان ڳالهين کان پوءِ ترميم بل پارليامينٽ ۾ آندو ويندو.

The post آرمي چيف جي معاملي تي عدليه انتظاميا جي اختيار ۾ مداخلت ڪئي: وزير اعظم عمران خان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages