بابر اعظم جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ترقي جاري، پنجين نمبر تي پهچي ويو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, February 11, 2020

بابر اعظم جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ترقي جاري، پنجين نمبر تي پهچي ويو


دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) تازي ترين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.

آءِ سي سي جي هاڻوڪي رينڪنگ موجب پاڪستان بيٽسمين بابراعظم ٽيسٽ بيٽنگ رينڪنگ ۾ پهريون ڀيرو ٽاپ فائيو ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

رينڪنگ موجب ڀارتي بيٽسمين ويرات ڪوهلي پهرين، آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ ٻين، مارنس ٽين ۽ ڪين وليم سن چوٿين نمبر تي آهن جڏهن ته بابراعظم پنجين نمبر اچي ويو آهي.

بابراعظم بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ سينچري سبب 2 درجا ترقي ڪندي ستين کان پنجين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.

ٽيسٽ بالنگ رينڪنگ موجب آسٽريليا جو پيٽ ڪمنز پهرين ۽ نيوزيلينڊ جو نيل ويگنر ٻين نمبر آهن.

ٽيسٽ بالنگ رينڪنگ ۾ پاڪستان جو محمد عباس، نسيم شاهه، شاهين شاهه به ترقي ڪئي آهي.

محمد عباس 14 هين، شاهين شاهه ۽ نسيم شاهه 52 هين نمبر تي اچي ويا آهن جڏهن ته ياسر شاهه 23 ۽ عمران خان سينيئر 57 هين نمبر تي ئي موجود آهن.

آءِ سي سي ٽيسٽ ٽيم رينڪنگ ۾ ڀارت پهرين ۽ آسٽريليا ٻين نمبر تي آهي جڏهن پاڪستان ستين پوزيشن تي موجود آهي.

The post بابر اعظم جي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ترقي جاري، پنجين نمبر تي پهچي ويو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages