عوام کي رليف ڏيو يا گهر هليا وڃو…! بلاول حڪومت تي ڏمرجي پيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, February 11, 2020

عوام کي رليف ڏيو يا گهر هليا وڃو…! بلاول حڪومت تي ڏمرجي پيو


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومتي قدمن کي عوام جو معاشي قتل قرار ڏيندي چيو آهي ته گذريل هڪ ڏهاڪي دوران سڀ کان وڌيڪ مهانگائي گذريل هڪ سال ۾ ٿي آهي، وزيراعظم ٻڌائي ته سندن ڪهڙي ڪرپشن سبب مهانگائي ٿي آهي.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موجوده حڪومت ۾ مهانگائي ۽ غربت وڌي وئي آهي، هر طبقو پريشان آهي، بي وس پارليامينٽ ۾ مهانگائي تي بحث ٿي رهيو آهي، حڪومت جي خالي سيٽن مان بحث جي اهميت جو اندازو ٿي رهيو آهي ته اهي ڪيتري اهميت ڏئي رهيا آهن، انهن ته پنهنجي سينيئر وزيرن کي به ناهي موڪليو، هتي مملڪتي وزير، سائنس ۽ پوسٽ جو وزير موجود آهي پر اصل وزير ناهن.

هن چيو ته حڪومت پنهنجا ٽيڪس هدف پورا نٿي ڪري سگهي ۽ غريب عوام کي لاوارث ڇڏيو ويو آهي، عوامي نمائندا معاشي قتل تي چُپ نٿا رهي سگهن، عوام کي رليف ڏيو يا گهر هليا وڃو، وزيراعظم ٻڌائي ته انهن جي ڪهڙي ڪرپشن سبب مهانگائي ٿي، وزيراعظم مڃي ته هو نالائق، نااهل ۽ سليڪٽڊ آهي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت جون پاليسيون عوام دشمن آهن، حڪومت جي بجيٽ عوامي نه پر پي ٽي آءِ ايم ايف آهي، حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم ڪرڻ ٿي چاهي.

پ پ چيئرمين چيو اميد ته هڪ ڏينهن هيءَ پارليامينٽ پنهنجي ناڻي واري وزير کي به ڏسندي ۽ سوال به پڇندي، حڪومت مڃي يا نه مڃي پر مهانگائي وڌي وئي آهي، گذريل ڏهاڪي ۾ مهانگائي ايڏي تيزي سان نه وڌي، جيتري گذريل هڪ سال ۾ وڌي.

The post عوام کي رليف ڏيو يا گهر هليا وڃو…! بلاول حڪومت تي ڏمرجي پيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages