عائزا خان واحد عورت آهي جنهن سان آئون فلرٽ نه ڪيو: دانش تيمور - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, February 11, 2020

عائزا خان واحد عورت آهي جنهن سان آئون فلرٽ نه ڪيو: دانش تيمور


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دانش تيمور پنهنجي ۽ عائزا خان جي محبت جي ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو آهي ته عائزا واحد ڇوڪري آهي جنهن سان آئون فلرٽ نه ڪيو ۽ کيس سڌو شادي جي آڇ ڪئي.

هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ دانش تيمور پنهنجي ۽ عائزا خان جي شادي بابت ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون ٻڌايون.

ميزبان دانش تيمور کان پڇيو ته اوهان عائزا کي شادي لاءِ ڪيئن راضِي ڪيو جنهن تي دانش تيمور چيو ته عائزا سان محبت هئي ۽ هوءَ واحد عورت آهي جنهن سان آئون فلرٽ نه ڪيو.

هن ٻڌايو ته آئون پهرين ڳالهه ٻولهه عائزا سان اها ڪئي هئي ته مون کي اوهان سان شادي ڪرڻي آهي، آئون گھمڻ ڦرڻ ۽ ملاقاتن جي حوالي سان به ڳالهه نه ڪئي هئي. دانش وڌيڪ ٻڌايو ته ان وقت فيس بڪ کان اڳ آرڪٽ هوندو هو ۽ ان ذريعي اسان ٻنهي وچ ۾ پهرين ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. شروع ۾ اسان وچ ۾ جهيڙو به ٿيندو هو.

سندس چوڻ هو ته عائزا سان ڳالهائي احساس ٿيو ته هوءَ هڪ سلجهيل عورت آهي ۽ کيس منهنجي گھر ۾ هئڻ گھرجي ۽ اهڙي طرح آئون هن کان شادي جو پڇيو ۽ اهو به چيو ته آئون اوهان جي ماءُ سان ملڻ چاهيان ٿو ۽ آئون عائزا سان ملڻ کان اڳ هن جي ماءُ سان مليس ۽ شادي جي ڳالهه ڪئي.

 

The post عائزا خان واحد عورت آهي جنهن سان آئون فلرٽ نه ڪيو: دانش تيمور appeared first on Awami Awaz.

1 comment:

  1. Wedding OrganizerWedding Organizer.. When it comes to Wedding planners and organizers in Dubai, AbuDhabi, then sadalafrah planner is one name that provides the best wedding planning in the region.

    ReplyDelete

Post Bottom Ad

Pages