

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ چيو آهي ته ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي جي طبعيت بهتر نه ٿي ته سندس متبادل ڏسنداسين.
پنهنجي بيان ۾ حفيظ شيخ چيو ته شبز زيدي منهنجو فيوريٽ آهي، سندس طبعيت گهڻي خراب آهي ۽ هو ڊگهي موڪل تي آهي.
هن چيو ته شبر زيدي جي واپسيءَ جو فيصلو ڊاڪٽر ئي ڪندا، جيڪڏهن ان جي طبعيت بهتر نه ٿي ته سندس متبادل ڏسنداسين ۽ نئين چيئرمين لاءِ شبر زيدي سان مشاورت ڪنداسين.
واضح رهي ته شبر زيدي جي استعيفيٰ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن پر ايف بي آر چيئرمين اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي آهي.
The post حڪومت شبر زيدي جي تبديليءَ جو اشارو ڏئي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment