آمدني کان وڌيڪ اثاثا: حمزا شهباز جي ضمانت جي درخواست رد - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, February 11, 2020

آمدني کان وڌيڪ اثاثا: حمزا شهباز جي ضمانت جي درخواست رد


Hamza Shahbaz's body remand extends to 14 days

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ حمزا شهباز جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ حمزا شهباز جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

حمزا شهباز جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته انڪم ٽيڪس ريٽرن ۾ هر شئي ٻڌائي وئي آهي ۽ ايف بي آر رڪارڊ ۾ سمورا تفصيل لکيل آهن، انڪم ٽيڪس جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو موجود آهي، لارجر بئنچ جي فيصلي کي نظر ۾ رکندي حمزا شهباز تي اهو لاڳو نٿو ٿئي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار جو پيءُ ٻه ڀيرا وڏو وزير رهيو، 2000 ۾ ان فيملي جا اثاثا 6 ڪروڙ هئا، 2009 ۾ 68 ڪروڙ ٿيا، 2008 تائين ذاتي اڪائونٽ ۾ رقم ايندي رهي، 2018 ۾ اها رقم 417 ملين ٿي وئي، ان کانپوءِ اها رقم ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ جي اڪائونٽ ۾ ايندي رهي.

عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان پڇيو ته ڪيس ۾ هيل تائين ڪيترا جوابدار ٽريس ٿيا ۽ جيڪو پئسو آيو آهي، اهو ڊائريڪٽ اڪائونٽ ۾ آيو آهي؟

ان تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته ها اهو سمورو پئسو ذاتي اڪائونٽ ۾ آيو آهي.

عدالت حمزا شهباز جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته انهن پئسن جو سورس ٻڌايو، اسان سڌو سوال پڇيو آهي ته توهان انهن پئسن جو سورس ٻڌايو، توهان اڃا تائين مطمئن نه ڪري سگهيا آهيو ته انهن پئسن جو سورس ڇا آهي، توهان جون سڀ ڳالهيون اسان مڃي ڇڏيون ته مني لانڊرنگ جو قانون ئي ختم ٿي ويندو.

پوءِ عدالت حمزا شهباز جي وڪيل ۽ نيب پراسيڪيوٽر جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ن ليگ اڳواڻ جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۾ ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

The post آمدني کان وڌيڪ اثاثا: حمزا شهباز جي ضمانت جي درخواست رد appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages