

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس جمال خان مندوخيل به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو.
ذريعن موجب جسٽس جمال خان مندوخيل ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ڪرائي هئي، جيڪا هاڪاري آئي آهي.
هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ پاڻ کي گهر ۾ قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب جسٽس جمال خان مندوخيل جي حالت بهتر آهي ۽ هو گهر مان ئي عدالتي معاملا انجام ڏئي رهيو آهي.
واضح رهي ته جسٽس جمال خان مندوخيل بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ۾ بئنچ جي سربراهي ڪري رهيو آهي.
The post بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به ڪورونا ۾ وٺجي ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment