ڪورونا وائرس وڌيڪ 4 مسيحائن کان حياتيون کسي ورتيون - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 29, 2020

ڪورونا وائرس وڌيڪ 4 مسيحائن کان حياتيون کسي ورتيون


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا حملا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 ڊاڪٽر حياتيون وڃائي ويٺا.

لاهور جي نجي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي ثنا فاطمه ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري وئي آهي، جنهن جي عمر 39 سال هئي.

خانداني ذريعن موجب ثنا فاطمه پيٿالاجسٽ هئي ۽ ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪورونا جي مرض ۾ مبتلا هئي.

هوڏانهن گوجرانوالا ۾ سينيئر ڊاڪٽر ۽ نفسياتي ماهر ڊاڪٽر نعيم اختر به ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

خيبر پختونخواهه ۾ افغانستان سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر خانزاده به ڪورونا وائرس سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو، جڏهن ته بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ بي ايم سي ٽراما سينٽر جو انچارج ڊاڪٽر زبير احمد به حياتي وڃائي ويٺو آهي.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب ڪيترائي ڊاڪٽر لاڏاڻو ڪري ويا آهن، جڏهن ته سون جي انگ ۾ ڊاڪٽر ۽ طبي عملو متاثر ٿيو آهي.

The post ڪورونا وائرس وڌيڪ 4 مسيحائن کان حياتيون کسي ورتيون appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages