وينٽي ليٽرن تي به ڪورونا مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي: ظفر مرزا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 29, 2020

وينٽي ليٽرن تي به ڪورونا مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي: ظفر مرزا


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته وينٽي ليٽرن تي به ڪورونا مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي، هن وقت سڄي ملڪ ۾ 157 مريض وينٽي ليٽرن تي آهن.

پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيس ۽ فوتگين ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، وينٽي ليٽرن تي به مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ هن وقت 157 ڄڻا وينٽي ليٽرن تي آهن، وينٽي ليٽرن تي اهي ئي مريض ويندا آهن، جن جا ڦڦڙ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن.

هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ٿيون، پاڪستان ۾ هيل تائين ڪورونا جون 5 لک 20 هزارن کان وڌيڪ ٽيسٽون ڪري چڪا آهيون، جڏهن ته ملڪ ۾ 35 سيڪڙو مريض مڪمل طور صحتياب ٿي چڪا آهن.

The post وينٽي ليٽرن تي به ڪورونا مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي: ظفر مرزا appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages