پاڪستان کي وڏن وڏن ملڪن طرفان فيس ماسڪ لاءِ آرڊر وصول - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, May 28, 2020

پاڪستان کي وڏن وڏن ملڪن طرفان فيس ماسڪ لاءِ آرڊر وصول


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي يورپ، آمريڪا ۽ ڪينيڊا جهڙن ملڪن مان ماسڪ جا وڏا آرڊر وصول ٿيا آهن.

واپار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ڪجهه برآمد ڪندڙن کي آمريڪا، ڪينيڊا ۽ يورپ مان فيس ماسڪ برآمد ڪرڻ جا وڏا آرڊر مليا آهن.

هن چيو ته اها اهم اڳڀرائي آهي ۽ اهڙي ڪاميابي تي برآمد ڪندڙن کي مبارڪ ڏيان ٿو، مختلف ۽ نئين برآمدن ڏانهن وڃڻ حڪومتي حڪمت عملي جو حصو آهي، ٻين برآمد ڪندڙن تائين اها ڄاڻ پهچائڻ جو مقصد انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي.

سندس چوڻ هو ته حڪومت برآمد ڪندڙن جي حوصلا افزائي ان لاءِ ڪري رهي آهي ته جيئن اهي دنيا جي مختلف حصن مان وڌيڪ آرڊر حاصل ڪري سگهن.

The post پاڪستان کي وڏن وڏن ملڪن طرفان فيس ماسڪ لاءِ آرڊر وصول appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages