يوم تڪبير هر سال نواز شريف جي پنهنجي مٽيءَ سان وفا جو داستان ٻڌائي ٿو: مريم نواز - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, May 28, 2020

يوم تڪبير هر سال نواز شريف جي پنهنجي مٽيءَ سان وفا جو داستان ٻڌائي ٿو: مريم نواز


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز يوم تڪبير جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اهو ڏينهن هر سال نواز شريف جي پنهنجي مٽيءَ سان وفا جو داستان ٻڌائي ٿو.

ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي مريم نواز چيو ته اهو داستان وفائن کان شروع ٿي جعلي سزائن تي ختم ٿئي ٿو، سلام آهي نواز شريف کي جو ڪا ڏکيائي، ڪا قرباني سندس خدمتن جي راهه ۾ رنڊڪ نه بڻي، پاڪستان زنده آباد.

هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن لکيو ته پڇو هن ڌرتي جي مٽيءَ جي هڪ هڪ ذري کان، ان جي دريائن ۾ وهندڙ پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي کان ته ڪير آهي، جنهن هن چمن کي سنواريو آهي، اهو ڪير آهي جيڪو سڀ ڪجهه قربان ڪري به وفا جو عهد نڀائي رهيو آهي ۽ نڀائيندو رهندو، بس هڪ ئي جواب ايندو، سلام نواز شريف.

The post يوم تڪبير هر سال نواز شريف جي پنهنجي مٽيءَ سان وفا جو داستان ٻڌائي ٿو: مريم نواز appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages