

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب عدالتن ۾ ڪيسن جي تڪڙي ٻڌڻي لاءِ درخواستون داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ميگا ڪرپشن ڪيسن بابت اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو.
قومي احتساب بيورو طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اجلاس ۾ شريف خاندان، شاهد خاقان عباسي، فواد حسن فواد جي باري ۾ هيل تائين جي جاچ تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته حمزا شهباز، سليمان شهباز، حسن نواز ۽ حسين نواز خلاف به هيل تائين جاچ جو جائزو ورتو ويو.
نيب چيئرمين جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ احسن اقبال، مفتاح اسماعيل، عمران الحق ۽ ٻين خلاف به هيل تائين جاچ تي غور ويچار ڪيو ويو.
نيب پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 435 آف شور ڪمپنين ۾ سيف الله ڀائرن، عليم خان ۽ ٻين خلاف هيل تائين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ان کانسواءِ ڪيپٽن (ر) صفدر، مهتاب عباسي، اڪرم دراني ۽ ٻين خلاف به هيل تائين جاچ جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ آصف زرداري، عبدالغني مجيد، انور مجيد ۽ ٻين خلاف جاچ تي به بريفنگ ڏني وئي.
پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ قوم جو لٽيل ناڻو قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائڻ جو به جائزو ورتو ويو.
نيب پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ ڪڻڪ ۽ شگر اسڪينڊل جي جاچ تي به بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي چوري ۽ خردبرد جي ڪيسن ۾ 10 ارب رپين جي ريڪوري ٿي.
جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عدالتن ۾ ڪيسن جي تڪڙي ٻڌڻي لاءِ درخواستون داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ضمانت تي رها جوابدارن خلاف عدالتن ۾ اپيلون داخل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.
The post نيب جو ضمانت تي رها جوابدارن خلاف عدالتن ۾ اپيلون داخل ڪرڻ جو فيصلو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment