لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي جي ٽيم ڪراچي کان ڊي اين اي لاءِ نمونا کڻي لاهور پهچي وئي.
فرانزڪ ايجنسي جي سربراهه ڊاڪٽر اشرف موجب 52 فوتين ۽ سندن عزيزن جا نمونا ورتا ويا آهن، جن جي ڊي اين اي رپورٽ اربع کانپوءِ جاري ڪرڻ شروع ڪنداسين.
هوڏانهن ڊي اين اي ليب ڪراچي يونيورسٽي جو چوڻ آهي ته جهاز حادثي جي نتيجي ۾ فوتي 67 ڄڻن جي وارثن ڊي اين اي لاءِ نمونا ڏئي ڇڏيا آهن، جڏهن ته ٻين شهرن مان وارثن جا نمونا دير سان مليا آهن.
ڪراچي يونيورسٽي جو چوڻ آهي ته هاڻ به جيڪي وارث ڊي اين اي لاءِ نمونا ڏيڻ چاهين ته وصول ڪنداسين.
The post جهاز حادثو: پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي جي ٽيم ڊي اين اي لاءِ نمونا کڻي لاهور پهچي وئي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment