فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پوليس لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندي شادي ڪندڙ گهوٽ کي گرفتار ڪري ورتو.
اسسٽنٽ ڪمشنر عمر مقبول موجب اسان کي اطلاع مليو ته ڪنال روڊ تي هڪ شادي هال ۾ پابندي باوجود شادي جي تقريب جاري آهي، جنهن کانپوءِ اتي ڇاپو هنيو ويو.
پوليس گهوٽ ۽ ان جي پيءُ سميت 20 کان وڌيڪ ڄاڃين کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر محمد علي جي هدايتن تي گهوٽ ۽ ان جي 12 ساٿين کي قرنطينه مرڪز منتقل ڪيو ويو آهي، جتي انهن جون ڪورونا ٽيسٽون ڪيون وينديون.
هوڏانهن شادي هال جي مالڪ خلاف به قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.
The post لاڪ ڊائون دوران شادي ڪندڙ گهوٽ قرنطينه ڀيڙو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment