ڪورونا وائرس جون شروعاتي علامتون نزلو، زڪام، کنگهه، نِڇون ڏيڻ، بخار ۽ گڙدن جو فيل ٿيڻ ٻڌايو ويو هو ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ماهرن بيمارين جون ڪيتريون ئي ٻيون علامتون به ٻڌايون آهن، جن ۾ سنگهڻ ۽ چَکڻ جي صلاحيت متاثر ٿيڻ جون علامتون به شامل هيون پر هاڻ ماهرن هڪ عام علامت بابت به انڪشاف ڪيو آهي ته امڪاني طور اها به ڪورونا جي علامت ٿي سگهي ٿي.
تحقيقي رسالي جاما ۾ اٽلي جي ڊاڪٽرن جي شايع ٿيل تحقيق کانپوءِ هاڻ آمريڪا جي چمڙي جي مرضن جي ماهر به پيرن جون آڱريون سُڄڻ ۽ خارش کي امڪاني طور ڪورونا جي علامت قرار ڏنو آهي.
بوسٽن جي ميساچوٽس جنرل اسپتال ۾ چمڙي جي مرضن جي ماهر اشتهر فريمن موجب جيتوڻيڪ عام مرضن ۾ مبتلا ٿيندڙ ماڻهن کي به چمڙي جي مسئلا ٿيندا آهن پر ائين تقريبن ناممڪن آهي ته ٻين بيمارين ۾ ورتل مريضن جي پيرن جي آڱرين ۽ آڱوٺن وٽ ڳاڙها ريشز ٿي وڃن.
تحقيقي جنرل جاما ۾ يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۽ سان فرانسسڪو يونيورسٽي جي جلد جي مرضن جي ماهرن به اسپين ۽ اٽلي جي ڊاڪٽرن طرفان ڪورونا مريضن ۾ ڄاڻايل عام علامتن جي تصويرن ۽ ويڊيوز تي تبصرو ڪندي هڪ مضمون لکيو هو ته عام طور تي ڪنهن ٻي بيماري ۾ ورتل شخص جي پيرن جي آڱرين ۽ آڱوٺن ۾ اهڙي قسم جا ڳاڙها ريشز ناهن هوندا ۽ نه ئي ان هنڌ سوڄ هوندي آهي.
اهڙي ريت اسپين جي ڊاڪٽرن به ٻڌايو هو ته گهٽ ۾ گهٽ 375 ڪورونا جي مريضن جي جلد ۾ خارش، سوڄ ۽ ريشز جون علامتون ڏٺيون ويون.
The post پيرن جون آڱريون سُڄڻ ۽ خارش به ڪورونا وائرس جي علامتن ۾ شامل؟ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment