ڪيپٽن سجاد گل جو وڇوڙو نه رڳو پي آءِ اي پر ملڪ لاءِ وڏو نقصان آهي: اعجاز شاهه - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 26, 2020

ڪيپٽن سجاد گل جو وڇوڙو نه رڳو پي آءِ اي پر ملڪ لاءِ وڏو نقصان آهي: اعجاز شاهه


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه چيو آهي ته سجاد گل جو وڇوڙو نه رڳو پي آءِ اي پر ملڪ لاءِ وڏو نقصان آهي.

اعجاز شاهه جهاز حادثي ۾ فوتي پائلٽ سجاد گل جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي.

ان موقعي تي اعجاز شاهه چيو ته پائلٽ سجاد گل جي وڇوڙي تي وڏو ڏُک پهتو، ان حادثي ۾ اسان قيمتي جانين جي صورت ۾ قومي اثاثا وڃايا، سجاد گل جو وڇوڙو نه رڳو پي آءِ اي پر ملڪ لاءِ وڏو نقصان آهي.

فوتي ڪيپٽن سجاد گل جي پيءُ جو چوڻ هو ته اهڙن بيانن کان پاسو ڪيو وڃي، جنهن سان مرحوم جي گهرڀاتين جي دل آزاري ٿئي، اسان جي جذبن ۽ احساسن جو خيال رکيو وڃي، جاچ لاءِ 90 ڏينهن مڪمل ٿيڻ ڏنا وڃن.

اعجاز شاهه ڪيپٽن سجاد گل جي پيءُ کي خاطري ڪرائي ته وزيراعظم جي هدايتن موجب شفاف جاچ ٿيندي.

The post ڪيپٽن سجاد گل جو وڇوڙو نه رڳو پي آءِ اي پر ملڪ لاءِ وڏو نقصان آهي: اعجاز شاهه appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages