

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي موڪليل سمري ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته لاهور ۾ ڪورونا وائرس خطرناڪ حد تائين پکڙجي ويو آهي ۽ ڪو به علائقو يا ڳوٺ وبا کان محفوظ ناهي.
صحت کاتي جي سيڪريٽري ڪيپٽن رٽائرڊ عثمان جو چوڻ آهي ته صحت کاتي طرفان 15 مئي تي وڏي وزير کي لاهور ۾ ڪورونا ڪيسن جي صورتحال بابت سمري موڪلي وئي.
پنجاب جي وڏي وزير کي موڪليل سمري ۾ ٻڌايو ويو ته ڪورونا هاٽ اسپاٽ، رهائشي ۽ ڪم وارن هنڌن تان سيمپل ورتا ويا، عام طور تي ورتل نمونن ۾ 5.18 ۽ سمارٽ سيمپلنگ ۾ 6.1 سيڪڙو ٽيسٽون هاڪاري آيون.
سمري ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته سمورن نمونن مان 6 سيڪڙو ٽيسٽون هاڪاري رهيون، ڪجهه علائقن ۾ اها شرح 7.14 سيڪڙو رهي.
عثمان بوزدار کي موڪليل سمري م لاهور ۾ ڪورونا جي اصل نون مريضن جو اندازو 6 لک 70 هزار لڳايو ويو آهي.
سمري ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته اها شرح لاهور ۾ خطرناڪ حد تائين نظر اچي رهي آهي، ڪو به رهواسي علائقو يا ڳوٺ ناهي، جتي اها بيماري نه هجي.
صحت کاتي جي ٽيڪنيڪل ورڪنگ گروپ لاهور ۾ 4 هفتن جي مڪمل لاڪ ڊائون جي سفارش ڪئي آهي، چيو ويو آهي ته 50 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي قرنطينه ۾ يا الڳ رکيو وڃي، جڏهن ته ماڻهن جو گهرن ۾ رهڻ لازمي قرار ڏنو وڃي.
ڪيپٽن رٽائرڊ عثمان موجب ماهرن طرفان اهڙيون سفارشون موڪليون ويون آهن.
سمري ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪنيڪل ورڪنگ گروپ جي سفارشن تي ٻين کاتن کان به راءِ ورتي وڃي.
صحت سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته سفارشن کان اڳ باقاعدي ٽيسٽ ڪرڻ جي مڪمل مشق ڪئي وئي، مرض جي شدت وڌڻ کانپوءِ نون مريضن جو اندازو لڳائڻ ڏکيو هو.
The post لاهور جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪورونا پکڙجي وڃڻ جو انڪشاف appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment