پيٽروليم شين کانپوءِ ايل پي جي به سستي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, June 1, 2020

پيٽروليم شين کانپوءِ ايل پي جي به سستي


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جون 2020 لاءِ ايل پي جي اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

پڌرائيءَ موجب ايل پي جيءَ جي اگهه ۾ 2 رپيا في ڪلو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ 11.8 ڪلو جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت 1298.31 رپيا ٿي وئي آهي.

ايل پي جي ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر موجب مئي لاءِ 11.8 ڪلو جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت 1322.90 رپيا هئي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي هئي.

The post پيٽروليم شين کانپوءِ ايل پي جي به سستي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages