فواد چوڌري نواز شريف جي پاڪستان ۾ ٿيندڙ طبي ٽيسٽن تي سوال اٿاري ڇڏيا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, June 1, 2020

فواد چوڌري نواز شريف جي پاڪستان ۾ ٿيندڙ طبي ٽيسٽن تي سوال اٿاري ڇڏيا


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري ن ليگ قائد نواز شريف جي پاڪستان ۾ ٿيندڙ طبي ٽيسٽن جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

فواد چوڌري وزيراعظم عمران خان خط لکي چيو آهي ته نواز شريف جي برطانيا ۾ سامهون ايندڙ تازين تصويرن ۾ سندس حالت سٺي نظر اچي رهي آهي، ن ليگ قائد پنهنجي برطانوي ٽيسٽن جون رپورٽون به حڪومت سان شيئر نه پيو ڪري، ان سان تاثر پيدا ٿئي ٿو ته برطانوي ليبارٽرين نواز شريف جي بيماري جي تصديق نه ڪئي.

هن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ عدالتن مان رليف وٺڻ لاءِ جعلي ٽيسٽ رپورٽون ٺاهيون ويون ۽ ٽيسٽ رپورٽن ۾ حقيقتون ڊاهي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو رستو ٺاهيو ويو.

وفاقي وزير مطالبو ڪيو آهي ته ان ڳالهه جو پتو لڳائڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ ڪنهن ٽيسٽ رپورٽن ۾ حقيقتن کي ڊاٿو ۽ جاچ ۾ اهو به سامهون آندو وڃي ته ڪنهن ڪنهن نواز شريف کي فرار ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي.

واضح رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف عدالت مان طبي بنياد تي ضمانت کانپوءِ حڪومتي اجازت سان 19 نومبر 2019 کان علاج لاءِ لنڊن ۾ موجود آهي.

The post فواد چوڌري نواز شريف جي پاڪستان ۾ ٿيندڙ طبي ٽيسٽن تي سوال اٿاري ڇڏيا appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages