ڪورونا ڪيس وڌڻ باوجود حڪومت جو مخصوص شعبن کانسواءِ سڀ ڪجهه کولڻ جو اعلان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, June 1, 2020

ڪورونا ڪيس وڌڻ باوجود حڪومت جو مخصوص شعبن کانسواءِ سڀ ڪجهه کولڻ جو اعلان


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ باوجود مخصوص شعبن کانسواءِ سڀ ڪجهه ايس او پيز تحت کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب جتي مريضن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، اتي ئي وري لاڪ ڊائون سبب معيشت تي به خراب اثر پئجي رهيا آهن، ان معاملي تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل صوبائي اختيارين ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، جڏهن ته ملڪ ۾ لاڪ ڊائون برقرار رکڻ يا نه رکڻ سميت مختلف آپشنز تي غور ڪيو ويو.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا ڪيڏانهن به نه پيو وڃي، عوام احتياط ڪري نه ته پنهنجو ئي نقصان ڪندو.

هن چيو ته مخصوص شعبن کانسواءِ باقي سڀ ڪجهه ايس او پيز تحت کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر عوام کي اپيل آهي ته اهو نه سمجهيو وڃي لاڪ ڊائون ختم ٿي ويو ۽ اڳ جيان زندگي گذارڻ شروع ڪئي وڃي، ايس او پيز تي عمل ڪيو نه ته وڌيڪ متاثر علائقن ۾ ڪرفيو لڳائڻو پوندو ۽ پوءِ انهن علائقن ۾ ڪاروبار تباهه ٿي ويندا.

سندس چوڻ هو ته ماڻهو جيترو احتياط ڪندا ۽ ايس او پيز تي عمل ڪندا، ايترو ئي اسان بهتر طريقي سان بحران کي منهن ڏئي سگهنداسين ۽ پنهنجي ڊاڪٽرن توڙي صحت عملي تي گهٽ بار وجهنداسين.

عمران خان موجب گهٽ ۾ گهٽ هي سال ته اسان کي ڪورونا وائرس سان گڏ گذارڻو پوندو، امير ملڪن به لاڪ ڊائون کولڻ جو فيصلو ڪيو، اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو ته وائرس پکڙجندو، اسان جي انتظاميا ۽ پوليس تي گهڻو دٻاءُ آهي، ڪجهه شعبا بند رهندا، باقي سڀ کولي رهيا آهيون.

وزيراعظم چيو ته اين سي اي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته هاڻ وڏي انگ ۾ ٻاهرين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آندو ويندو، اڳ مسئلو اهو هو ته اسان وٽ اسڪريننگ جي سهولت محدود هئي ۽ صوبن کي اعتراض هو ته ٻاهرين ملڪن مان شهرين جي وڏي انگ کي واپس نه آندو وڃي، تنهن ڪري محدود انگ ۾ پاڪستانين کي واپس آندو پئي ويو، هاڻ فيصلو ڪيو ويو آهي ته وڏي انگ ۾ پاڪستانين جي واپسي لاءِ اڏامن جو انگ وڌايو ويندو، ايئرپورٽن تي انهن جي ٽيسٽ ٿيندي ۽ پوءِ کين گهرن ۾ موڪليو ويندو، نتيجو هاڪاري اچڻ تي به اهي گهرن ۾ آئسوليٽ ٿيندا.

هن چيو ته سياحت جو شعبو کولڻ گهرجي، ڇو ته ڪجهه علائقن ۾ گرمين جا 3 کان 4 مهينا ئي سياحت هوندي آهي ۽ ڪاروبار هلندو آهي، جيڪڏهن اهو وقت لاڪ ڊائون ۾ نڪري ويو ته انهن علائقن ۾ غربت وڌي ويندي.

عمران خان ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل اسٽاف کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون کي پهرين ڏينهن اکن توهان جو احساس آهي ته ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ توهان تي بار وڌي ويندو پر اسان جا 13 کان 15 ڪروڙ ماڻهو لاڪ ڊائون سبب گهڻا متاثر ٿيا آهن، ميڊيڪل شعبي سان سلهاڙيل ماڻهن کي خوف آهي ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي سان اوچتو انهن تي بار وڌي ويندو پر مان خاطري ڪرايان ٿو ته اسان توهان جي هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهيون، ان ڏس ۾ مان جلد ڊاڪٽرن ايسوسيئيشنز سان ملاقاتون به ڪندس.

سندس وڌيڪ چوڻ هو اسان ٻڌي رهيا آهيون ته اسپتالن ۾ مريضن لاءِ گنجائش ختم ٿي رهي آهي، تنهن ڪري اسان اهڙو پروگرام آڻي رهيا آهيون، جنهن تحت روز جي بنياد تي اهو ٻڌايو ويندو ته ڪهڙي شهر ۾ ڪهڙي اسپتال ۾ وينٽي ليٽر موجود آهن ۽ ڪٿي ناهن.

وزيراعظم چيو ته اين سي اي اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن، اهي سڀاڻي وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيندڙ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر اجلاس کانپوءِ عوام سامهون رکيا ويندا.

The post ڪورونا ڪيس وڌڻ باوجود حڪومت جو مخصوص شعبن کانسواءِ سڀ ڪجهه کولڻ جو اعلان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages