

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو مشهور ميوزڪ ڪمپوزر واجد علي خان لاڏاڻو ڪري ويو.
واجد خان ڊگھي عرصي کان گڙدن جي مرض ۾ مبتلا هو.
واجد خان جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ميوزڪ ڪمپوزر سليم مرچنٽ چيو ته واجد ڪجهه ڏينهن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي سندس طبيعت گھڻي خراب هئي.
سليم مرچنٽ چيو ته واجد خان جي طبيعت گھڻي خراب ٿيڻ سبب 4 ڏينهن کان وينبٽيليٽر تي هو.
واضح رهي ته واجد خان مشهور طبله نواز استاد شرافت علي خان جو پٽ هو جڏهن ته واجد خان ۽ هن جي ڀاءُ ساجد خان جو ميوزڪ گروپ ساجد واجد جي نالي سان مشهور آهي.
ميوزڪ ڪمپوزر واجد خان سلمان خان تي فلمايل ٻن گيتن جي موسيقي به ترتيب ڏني هئي جڏهن ته هن سلمان خان سان گڏ فلم دبنگ، ايڪ ٿا ٽائيگر ۽ وانٽڊ ۾ به ڪم ڪيو هو.
The post مشهور ميوزڪ ڪمپوزر واجد علي خان لاڏاڻو ڪري ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment