وزيراعظم جو نوٽيس بي لاڀ، کنڊ 100 رپيا ڪلو ٿي وئي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, July 31, 2020

وزيراعظم جو نوٽيس بي لاڀ، کنڊ 100 رپيا ڪلو ٿي وئي


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي نوٽيس باوجود ملڪ ۾ کنڊ جي اگهه ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ کنڊ 100 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ڪئي پئي وڃي.

وفاقي شماريات اداري به ملڪ ۾ في ڪلو کنڊ 100 رپين تائين پهچڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد ۽ پشاور ۾ کنڊ 100 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪراچي، راولپنڊي ۽ ڪوئيٽا ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت 95 رپيا، لاهور، فيصل آباد، ملتان ۽ لاڙڪاڻي ۾ کنڊ جي قيمت 90 رپيا ڪلو آهي.

شماريات اداري جي مهانگائي تي جاري ڪيل هفتي وار رپورٽ موجب سکر، حيدرآباد، گوجرانوالا، سيالڪوٽ ۾ کنڊ 92 رپيا في ڪلو دستياب آهي.

وفاقي شماريات اداري موجب چئن هفتن ۾ 11 رپين کان وڌيڪ واڌ کانپوءِ کنڊ جي ايوريج قيمت 92 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي.

رپورٽ موجب اٽي سميت 17 کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ هڪ هفتي دوران واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، هڪ هفتي ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٻوري 10 رپيا، ٽماٽو 14 رپيا في ڪلو مهانگو ٿيو، جڏهن ته پٽاٽي ۽ بصر جي اگهه ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.

رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 8 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي، ڪڪڙ جو گوشت 15 رپيا في ڪلو، مڱن جي دال 3 رپيا، چڻن ۽ مهري جي دال 2-2 رپيا سستي ٿي، جڏهن ته 26 شين جا اگهن ۾ استحڪام رهيو.

شماريات اداري موجب هڪ هفتي ۾ مجموعي طور مهانگائي 0.31 سيڪڙو وڌي.

The post وزيراعظم جو نوٽيس بي لاڀ، کنڊ 100 رپيا ڪلو ٿي وئي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages