

لاهور (ويب ڊيسڪ) راجن پور ويجهو ۾ سي ٽي ڊي جي آپريشن ۾ پنج دهشتگرد مارجي ويا.
راجن پور جي عربي طبا واري علائقي ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي اهلڪارن دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.
سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا.
سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن کان 10 کان 15 ڪلو وزني بم ۽ وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.
آپريشن بعد دهشتگردن جا لاش ضلعي اسپتال منتقل ڪيا ويا جتي سندن سڃاڻپ ۽ ٻي ضروري ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
The post راجن پور: سي ٽي ڊي جو آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment