پاڪستان ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ گهٽجي 31405 وڃي بچيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, July 29, 2020

پاڪستان ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ گهٽجي 31405 وڃي بچيو


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڪستان ۾ سرڪاري انگن اکرن موجب ڪورونا جي نون ڪيسن ۽ فوتگين ۾ گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي ۽ ملڪ ۾ هن وقت ان وبا جي فعال مريضن جو انگ گهٽجي رڳو 31 هزار 405 رهجي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل هڪ ڏينهن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 21 هزار 256 ٽيسٽون ٿيون. سنڌ ۾ 9 هزار 571، پنجاب 7 هزار 38، خيبرپختونخواهه هڪ هزار 840، بلوچستان ۾ هڪ هازر 302، گلگت بلتستان 106 ۽ پاڪستان جي بندوبست هيٺ ڪمشمير ۾ 268 ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ٿيون.

24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 1063 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کان پوءِ پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 2 لک 76 هزار 288 ٿي ويو آهي جنهن مان 2 لک 44 هزار 883 صحتياب ٿي چڪا آهن ۽ اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 31 هزار 405 آهي. هڪ هزار 179 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن مان 227 وينٽي ليٽرز تي آهن.

صوبي جي لحاظ سان سنڌ ۾ جتي هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽون ٿيون اُتي تصديقي مريضن جو انگ سڀ کان وڌيڪ 1 لک 19 هزار 398 آهي، پنجاب ۾ 92 هزار 452، خيبرپختونخواهه ۾ 33 هزار 724، بلوچستان ۾ 11 هزار 654، اسلام آباد ۾ 14 هزار 963، آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 55 ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جا 2 هزار 42 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سان مجموعي طور تي وڌيڪ 27 ڄڻا فوت ٿي ويا. سنڌ ۾ 10، پنجاب ۾8، خيبرپختونخواهه ۾ 6، گلگت بلتستان ۾ 2 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ شخص حياتي جي جنگ هارائي ويٺا.

ملڪ ۾ هن وقت تائين فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 5892 ٿي ويو آهي،  هن وقت تائين سنڌ ۾ 2 هزار 172، پنجاب ۾ 2 هزار 133، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 186، اسلام آباد ۾ 165، بلوچستان ۾ 136، گلگت بلتستان ۾ 50 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 50 مريض حياتي تان هٿ ڌوئي ويٺا.

The post پاڪستان ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ گهٽجي 31405 وڃي بچيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages