برطرف پائلٽ جي لائسنس بحالي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, July 29, 2020

برطرف پائلٽ جي لائسنس بحالي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ برطرف پائلٽ سيد ثقلين اختر جي لائسنس بحالي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ايوي ايشن سيڪريٽري، ڊي جي سول ايوي ايشن اٿارٽي، سي اي او پي آءِ اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڊي جي سي اي اي جي پوسٽ اڍائي سالن کان ڇو خالي آهي؟

درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سيڪريٽري ايوي ايشن وٽ ڊي جي سي اي اي جي چارج به آهي، سي اي اي جو هيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ آيه پر اهو وفاقي ادارو آهي.

هن چيو ته اهو آرڊر وفاقي حڪومت جي مشاورت سان جاري ڪيو ويو آهي، بورڊ آف انڪوائري ڪميشن ايڪٽ 2017 تحت نه جوڙيو ويو.

چيف جسٽس چيو ته ايگزيڪيوٽو انڪوائري ڪري سگهي ٿو، کيس اختيار آهي.

درخواست گذار جي وڪيل درخواست گذار طرفان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سي اي اي 14 جولاءِ تي ايئر لائن ٽرانسپورٽ لائسنس رد ڪيو، سول ايوي ايشن اٿارٽي اڃا تائين منهنجي خلاف ڪو ثبوت پيش ناهي ڪري سگهي.

هن وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي مون کي ٻڌڻ بنا 21 جولاءِ تي ملازمت تان برطرف ڪري ڇڏيو، سول ايوي ايشن اٿارٽي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

واضح رهي ته برطرف پائلٽ سيد ثقلين اختر لائسنس رد ڪرڻ ۽ ملازمت تان برطرفي کي چئلينج ڪيو آهي.

The post برطرف پائلٽ جي لائسنس بحالي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages