

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي صوبائي راڄڌاني پشاور ۾ ساڍن سالن جو ٻارڙو پوليو جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ هي گذريل چار سالن ۾ پوليو جو پهريون ڪيس آهي.
پاڪستان ۾ پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿيڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ هاڻ صوبائي راڄڌاني پشاور ۾ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.
پوليو ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب پشاور ۾ هي چار سالن دوران پشاور ۾ پوليو جو پهريون ڪيس آهي ۽ صوبائي راڄڌاني ۾ پوليو جو آخري ڪيس 2016ع ۾ رپورٽ ٿيو هو.
پوليو جو نئون ڪيس پشاور جي علائقي اڇي ڍيري مان سامهون آيو جتي متاثر ٻارن جا نمونا 13 جولاءِ تي ٽيسٽ جي لاءِ ليبارٽري ڏانهن موڪليا ويا هئا.
ٽيسٽ جي نتيجن موجب اڇي ڍيري جي 56 مهينن جي ٻارڙي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي ۽ جنهن سان گڏوگڏ ئي 2020ع ۾ خيبرپختونخواهه ۾ پوليو ڪيسن جو انگ گهٽجي 22 ٿي ويو.
The post پشاور ۾ 4 سالن کان پوءِ پوليو جو پهريون ڪيس رپورٽ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment