ٻٽي شهريت رکندڙ مددگارن خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, July 30, 2020

ٻٽي شهريت رکندڙ مددگارن خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ٻٽي شهريت رکندڙ خاص مددگارن ۽ وزيرن کي هٽائڻ واري مطالبي جو ٺهراءُ پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.

پنجاب اسيمبلي ۾ اهو ٺهراءُ ن ليگ ايم پي اي حنا پرويز بٽ طرفان جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي شهريت رکندڙ ماڻهن جي ڪابينا ۾ موجودگي شڪ شبها پيدا ڪري رهي آهي.

ٺهراءَ جي متن موجب پاڪستان جي آئين موجب ٻٽي شهريت رکندڙ ڪابينا جو رڪن نٿو بڻجي سگهي.

ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ٻٽي شهريت وارن خاص مددگارن ۽ وزيرن کي ڪابينا کان ڌار ڪيو وڃي.

The post ٻٽي شهريت رکندڙ مددگارن خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages