

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير فواد چوڌري چيو آهي ته چار پنج مهينا وزيراعظم جي وڏن فيصلن جا مهينا آهن.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته استعيفيٰ ڏيندڙ خاص مددگار پنهنجو موقف ڏئي چڪا آهن، تانيه ايدروس جي اين جي او بابت معاملو هلي رهيو هو، جنهن سبب هن استعيفيٰ ڏني.
هن چيو ته ڀارت کان دوائون گهرائڻ واري معاملي جو صحت کان وڌيڪ فنانس ڊويزن جو تعلق آهي، ڊاڪٽر ظفر مرزا جو معاملي سان ڪو تعلق نه آهي، آرٽيڪل 91 تحت وزيراعظم موقف مان مطمئن ٿيو ته ڪو ڪم جاري رکي سگهي ٿو، وٽس اختيار ۽ ايگزيڪيوٽو اٿارٽي به آهي.
فواد چوڌري چيو ته عمران خان کانسواءِ ڪنهن ٻي کان سڌارن جي اميد نٿي رکي سگهجي، وزيراعظم اهم فيصلن کان اڳ ئي اشارو ڏئي ڇڏيو هو، چار پنج مهينا وزيراعظم جي وڏن فيصلن جو مهينا آهن.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير چيو ته عمران اسماعيل کي ڪراچي معاملي تي خدشا آهن، سنڌ حڪومت اين ايف سي تي رڙيون ڪندي آهي، پر سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، جيستائين ضلعن کي فنڊ جاري نه ٿيندا، صوبي جا مسئلا حل نه ٿيندا.
The post چئن پنجن مهينن ۾ وڏا فيصلا ٿيندا: فواد چوڌري appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment